اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي، سرڪاري اد??رن کي هر صورت عوام جي خدمت جو پابند بڻايو وڃي، گورننس سسٽم جي بهتري عوام ۽ سرڪاري اد??رن جي وچ ۾ بهتر رابطن سان مشروط آهي، وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب سرڪاري اد??رن، کاتن تائين ڪمزور طبقي جي پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پاڪستان سٽيزن پورٽل شهرين جي حصيداري گورننس جي فروغ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي مسئلي جي حل لاءِ سرڪاري اد??را موثر خدمتون فراهم ڪري سگهن، وزيراعظم جي هدايت تي ملڪ جو سڀ کان وڏو شڪايتن جو نظام مڪمل فعال ٿي ويو آهي، سڀني صوبن ۾ سٽيزن پورٽل تي آفيسرن جا 8 هزار 864 ڊيش بورڊز کي ذميداري سونپي وئي آهي، جيڪو وزيراعظم ??مر??ن جو ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفي?? سڄي ملڪ جي 8 هزار 884 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسن، سڀني وفاقي سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي ڊيش بورڊ کان ڪمزور طبقي جون شڪايتون داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ خاص طور بزرگ شهرين، بيواهه عورتن، معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.