اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي ??ي موجوده تسلي بخش صورتحال ۽ پنجاب صوبي پاران باقاعدگي ??ان ڪڻڪ جي رليز تي اطمينان جو اظها رڪندي چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوالي ??ان وقت سر اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪڻڪ جي وڏي مقدار ??ان گڏوگڏ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ به حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي بنيادي خوراڪ جي ڏس ۾ ڪنهن قسم ??ي مشڪل نه ڏسڻي نه پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي ??ان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد حماد اظ??ر سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، ناڻي وارو صلاح??ار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مرزا شهزاد اڪبر، خصوصي صلاح??ار داڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ ب??نڪ جو گورنر، پنجاب جو خوراڪ وارو وزير عبدالعليم خان، لاڳاپيل ادارن جا سيڪريٽريز، جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.