??سل??م آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ مسجدن ۾ نماز ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن سان تازو ئي طئي ٿيل 20 نقطن تي عملدرآمد جي سل??لي ۾ ايوان صدر ۾ ه?? اهم اجلاس ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ويو آهي ته عالم سڳورن ۽ چونڊيل نمائندن جي تعاون سان ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺاڻي سطح تي انهن 20 نقطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين.