اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽ??ال ٽڪلي جاري ڪ??ي ڇڏي. ان سلسلي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ??ئي وئي. پاڪستان پوسٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽ??ال ٽڪلي جي مهورت ڪئي. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان پوسٽ جو ڊائريڪٽر جنرل سميع الله خان خاص مهمان هئا. ان اهم سنگ ميل کي خصوصي ٽ??ال ٽڪليون ج??ري ڪ??ڻ سان ملهايو ويو جيڪو معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ معاشري تي ان جي اثرن لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي چاهه جي علامت آهي. پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي نمايان خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سڀني لاءِ پهچ جوڳي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي يادگاري ٽ??ال ٽڪلي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي پاڪستان پوسٽ طرفان ج??ري ??ئي پئي وڃي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي.