سرينگر-19 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين (ڪالهه) جمعي تي ي??م الحاق پاڪستان ملهايو جنهن جو مقصد ڀارتي قبضي مان ڄ??ون ڪشمير جي آزادي تائين آزادي جي جدوجهد جاري رکڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشميرين جي حقيقي نمائندن 19 جولاءِ 1947ع تي سرين??ر جي علائقي آبي گزر ۾ سردار محمد ابراهيم جي گهر ۾ ٿيل آل ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس ۾ الحاق پاڪستان جو ٺهراءُ اتفاق راءَ سان منظور ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان سان مذهبي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ اقتصادي هڪجهڙائي ۽ لکين ڪشميري مسلمانن جي خواهشن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سان ڄ??ون ڪشمير جي الحاق جو مطالبو ڪيو ويو هو.ڪشميرين جو اهو ٺهراءُ ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته هو پنهنجو مستقبل پاڪستان سان ڳنڍي چڪا آهن.