اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيار سا?? هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪوئنٽن ميڪ ڪيلر سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سا?? تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ??ڪومت جي ترجيح آ??ي ته ??ءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوجوان نسل کي آءِ ٽي سروسز جي تربيت حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ??ڪومت نوجوانن کي آءِ ٽي اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ ليپ ٽاپ ??ي فراهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آ??ي. وزيراعظم چيو ته ??رطانيا پاڪستان جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.