گوادر – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪ??ي آهي ته گوادر ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ پورو ڪي?? وڃي، 12 لک گيلن ڏهاڙي جو ڊي سيلينيشن پلانٽ جلد مڪمل ڪي?? وڃي، مقامي ابادي کي سولر پينل جي فراهمي جي لاءِ سولر پينلز جي پاڪستان ۾ تياري يقيني بڻائي وڃي، گوادر ايئرپورٽ کي ايندڙ سال جولاءِ تائين مڪمل ڪي?? وڃي، انٽرنيٽ جون سهولتون بهتر بڻايون وڃن. اهي هدايتون هن ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ وزيرن، مملڪتي وزيرن، خاص معاونين، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪ??ي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڊي سيلينيشن پلانٽ تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪي?? ويو، ان کانسواءِ پاڻي جي طلب، سپلائي، ڊيمز جي موجوده صورتحال تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گوادر ۾ پاڻي جي موجوده طلب 3.4 ملين گيلنز پر ڊي ۽ سپلائي 9 ملين گيلن پر ڊي آهي جڏهن ته گوادر پورٽ اٿارٽي تي 1.2 ملين گيلن پر ڊي جي پلانٽ کانپوءِ ان جي مجموعي صلاحيت 1.5 ملين گيلن پر ڊي ٿي ويندي، ان سان گڏوگڏ 9 ننڍا موبائيل پلانٽ پڻ لڳايا ويندا جنهن کانپوءِ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۾ مدد ملندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايران کان 100 ميگاواٽ جي فراهمي کانپوءِ گوادر ۾ مجموعي طور تي بجلي جي فراهمي 170 ميگاواٽ تائين پهچي ويندي جڏهن ته هن وقت بجلي جي طلب رڳو 70 ميگاواٽ آهي. سولر پينلز جي فراهمي ۽ آف گرڊ منصوبن سان مقامي سطح تي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ايران کان مڪران جي ٽرانسميشن لائين 6 مهينن جڏهن ته ني??نل گرڊ کان وڌيڪ 100 ميگاواٽ جي فراهمي جي لاءِ ٽرانسميشن لائين ڊسمبر 2022ع تائين مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس کي نيو گوادر انٽرني??نل ايئرپورٽ تي تعميراتي ڪم جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪي?? ويو. وزيراعطم چيو ته پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي جي منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جو وڌيڪ تعطل قبول نه آهي. هن هدايت ڪ??ي ته گوادر ۾ 12 لک گيلن ڏهاڙي جو ڊي سيلينيشن پلانٽ جلد مڪمل ڪي?? وڃي، پاڻي جي گهر گهر فراهمي جي لاءِ پائيپ لائينز جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪي?? وڃي، منصوبن ۾ تعطل ۽ مجرماڻي غفلت ڪندڙن جي نشاندهي جي لاءِ فوري انڪوائري ڪرائي وڃي. هن هدايت ڪ??ي ته 62 ميگاواٽ جي سولر منصوبي جي حوالي سان ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، سولر منصوبي ۽ مقامي آبادي کي سولر پينلز فراهم ڪرڻ جي منصوبي لاءِ سولر پينلز جي پاڪستان ۾ تياري يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪ??ي ته گوادر ۾ بجلي جي بيس لوڊ جي فراهمي سان گڏوگڏ ايندڙ سالن ۾ بجلي جي طلب ۾ اضافي ۽ سپلائي جي لاءِ ٺوس منصوبو ٺاهي پيش ڪن، گوادر انٽرني??نل ايئرپورٽ جي تڪميل جولاءِ 2022ع تائين يقيني بڻائي وڃي، تربت ۽ ڪوئيٽا جي هوائي اڏن تي عالمي اڏامن کي بحال ڪي?? وڃي ۽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي آندي وڃي، پوري بلوچستان ۾ آف گرڊ بجلي جي منصوبن جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن هدايت ڪ??ي ته گوادر ۾ انٽرنيٽ جي سهولت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. گوادر بندرگاهه تي ڊريجنگ کي جلد شروع ڪي?? وڃي ۽ بريڪ واٽر جي حوالي سان عملي قدم کنيا وڃن، گوادر ۽ اسپتال جي تڪميل ڊسمبر بدران سيپٽمبر ۾ يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪ??ي ته گوادر جي سمورن پيڙهيل 16523 خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪي?? وڃي، هڪ هفتي کانپوءِ انهن سمورن قدمن تي اجلاس ۾ اڳڀرائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.