اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ يو اي اي جي سفارتخاني ۾ وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، سينيٽ چ??ئرمين تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا، هن چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جو لاڏاڻو نه رڳو يو اي اي جي عوام لاءِ ??ڏو نقصان آهي پر پاڪستانين ۽ مسلمان امت لاءِ ??ڏو صدمو آهي، سندس وفات سان پاڪستان هڪ سچي ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. انسانيت ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شيخ خليفه بن زيد النهيان جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته هو يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، سينيٽ چ??ئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سينيٽ چ??ئرمين سان گڏ پارلياماني وفد ۾ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽرز پرنس احمد عمرزئي، مولانا عب??الغفور حيدري، عب??القار، دوست محمد، نصيب الله بازئي شامل هئا. پارلياماني وفد شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.