اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ حملي ج?? شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي صدر شهيدن جي پونيئرن سان همدردي ج?? اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لا??ِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لا??ِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر حوالدار طارق يوسف، سپاهي اعجاز حسين، سليمان وقاص جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي وقار احمد، محمد جواد ۽ ارشد علي ج?? پونئيرن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي 12 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيدن جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪ??و. ??ن ميجر شجاعت حسين ۽ سپاهي عمران خان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي.