اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئ??ڪ کي مرحوم قرضدار جي ??اندان کي 4 لک 23 هزار رپين جي واپسي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صدر وفاقي بئ??ڪنگ محتسب جو فيصلو برقرار رکيو ۽ بئ??ڪ آف پنجاب جي ??پيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بئ??ڪ مرحوم قرضدار جي ??اندان کان هڪطرفي ۽ غيرمنصفاڻي طور وڌيڪ مارڪ اپ وصول ڪيو، بئ??ڪ پنهنجي ??ي ضابطن جي ??لاف غيرضروري طور تي روزاني جي معاملي کي الجهايو. شهري ميان الله وسايو بئ??ڪ آف پنجاب کان 2015ع ۾ 30 لک رپيا قرض ورتو، شهري 35 لک رپين جا ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ بطور سيڪيورٽي بئ??ڪ کي جمع ڪرايا. جنوري 2017ع ۾ شهري جو لاڏاڻو ٿي ويو پر بئ??ڪ آڪٽوبر 2018ع تائين مارڪ اپ وصول ڪري ورتو، بئ??ڪ سرٽيفڪيٽ ڪيش ڪرايا، 57294 رپين بدران 480489 رپيا مارڪ اپ وصول ڪيو. الله وسايو جي ??يواهه بئ??ڪ کي جنوري 2017ع تائين مارڪ اپ وٺڻ، وڌيڪ رقم معاف ڪرڻ جي ??رخواست ڪئي. بئ??ڪ درخواست ??نظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته شڪايت ڪندڙ بئ??ڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئ??ڪنگ محتسب فيصلو ڏنو ته بئ??ڪ اصل رقم تي وڌيڪ مارڪ اپ وصول ڪرڻ، معاملو لٽڪائي بدانتظامي ۽ ناانصافي ڪئي. بئ??ڪ رقم وصولي بابت ضروري رهنمائي فراهم ڪرڻ جي قانوني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، بئ??ڪ غيرضروري طور تي وقت سر سرٽيفڪيٽ ڪيش نه ڪيا، مارڪ اپ جمع ڪندي رهي. بئ??ڪنگ محتسب 2018ع جو معاملو بيهر نه کولڻ جو بئ??ڪ جو عذر رد ڪري ڇڏيو هو. ڪو قانون يا ضابطو بئ??ڪ کي پراڻا معاملا ٻيهر کولڻ کان نه ٿو روڪي، صدر بنڪنگ محتسب جو رقم واپسي جو حڪم برقرار رکيو. صدر چيو ته بئ??ڪ جي ??پيل ميرٽ تي ٻڌل نه آهي، بئ??ڪ قانوني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.