اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقي ۽ صوبي ۾ تازي ??وڏ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي متاثر آبادي جي بحالي سان گڏوگڏ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ موثر قدم کڻن. سينيٽ چيئرمين ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي ۾ گهري دلچسپي ۽ باقاعدگي سان پيروي ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.