اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باني پاڪستا?? قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خا?? قائداعظم جي مشن جي نگهباني ڪري رهيو آهي، عمران خان اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو ما??رن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ۽ اسلامي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه ه?? قائداعظم محمد علي جناح جي ??الگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ت?? قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ اقليتن جي ??قن جي ??حفظ جو ويزن ڏنو، پاڪستان اقليتن جي ??قن جي ??حفظ جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ت?? اڄ اسان نئون پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي اهو ئي خواب آهي جيڪو علامه محمد اقبال ڏٺو جنهن کي قائداعظم محمد علي جناح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ت?? اسان جا سمورا قدم قائداعظم جي ??وچ جو عڪاس آهن، اهو ئي اهو پاڪستان آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي ??ڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قائداعظم محمد علي جناح جي ??الگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قائداعظم محمد علي جناح جي ??الگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني.