اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سا?? ڊينمارڪ ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اح??د فاروق پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي ح??ال?? سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? ڊينمارڪ سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير زپي ڪوفوڪا تازو پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي، پاڪستا?? ڊينمارڪ سان اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي واپار، سرمائي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ م ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ح??ال?? سان پاڪستان جي سفير اح??د فاروق جي خدمتن کي ساراهيو، سفير اح??د فاروق پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجي سڀني توانائين کي استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.