اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي ايف) انساني بنيادن تي امداد جي طور تي حڪومت پاڪستان ط??فا?? 300 ٽن کادي پيتي جي شين سان ڀريل 17 ٽرڪ افغانستان روانو ڪري ڇڏيا. پاڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي سي ايف) جي چيئرمين حبيب ال??ه خان خٽڪ پاڪ افغان بارڊر طورخم تي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته افغان اسان جو مسلمان ڀاءُ ۽ پاريسي آهي هن چيو ته 40 سال ڊگهي جنگ افغانستان جي معيشت، زراعت ۽ انتظامي بنيادي ڌانچي کي تباه ڪري ڇڏي?? آهي ۽ عالمي امدادي ادارن جي اوچتو واپسي پوري آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏي?? آهي گذريل سال ڏوڪاڙ سب?? پريشانين ۾ اضافو ٿي?? آهي جنهن سب?? انساني بحران جو سامهون آهي پر ان تي فوري ۽ موثر طريقي سان ڌيان نه ڏنو ته اهو انساني تباهي جو سب?? بڻجندو. حبيب ال??ه خ??ڪ وڌيڪ چيو ته پاڪ افغان سهڪار فورم هڪ ٽرسٽ آهي جيڪا ضرورت جي ان گهري ۾ افغان شهرين جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. اسان جو مقصد نه صرف افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ، دوائن ۽ کادي جي شين جي صورت ۾ فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ آهي.