اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان کي انساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي، ڊگهي جنگ اف??ان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ان جي ماڻهن کي معاشي ۽ انساني امداد جاري رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان جي امن ۽ نئين سر تعمير جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن گذريل چئن ڏهاڪن کان 35 لک اف??ان پناهگيرن جي ميز??ان?? ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اف??ان پناهگيرن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن تائين پهچ سان گڏوگڏ کين بئنڪ اڪائونٽ کولن ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چيو ته دنيا کي افغانستان ۾ امن جي فروغ ۽ گذريل 40 سالن کان لکين اف??ان پناهگيرن جي ميز??ان?? ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر فلپو گرائنڊي کي افغانستان جي ماڻهن لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل تازي انساني امداد ۽ طبي رسد جي باري ۾ آگاهه ڪيو.هن افغانستان مان عالمي ادارن ۽ سفارتي مشنن جي ميمبرن جي واپسي ۾ پاڪستان جي ڪوششن تي به روشني وڌي، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر لکين اف??ان پناهگيرن جي ميز??ان?? ۽ افغانستان ۾ انساني امداد موڪلڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.