پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو د??رو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراع??م سان گڏ هئا. پاڪ فوج ??ي عوامي رابطن واري شعبي موجب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد تي وزيراعظم يادگارشهداءِ تي گلن جي چادر ??اڙهي، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽي جي ??وجوده صورتحال، جاري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ افغان بارڊر تي خاردار تار لڳائڻ ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??نصوبن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ افغان بين الاقوامي سرحد تي سيڪيورٽي جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل منصوبابندي کان به آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم پاڪستان جي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ داخلي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي ??ون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??نصوبن جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ??اکاڻ ڪئي جيڪا علائقي جي ??ائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم ڪورونا، ماڪڙ، پوليو جي خاتمي جي ??هم ۽ وڻڪاري جي دوران سول انتظاميه جي ??دد تي به فارميشن جي ڪردار کي ساراهيو.