اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاسڪو جي ذخيرن سان پيداواري سال 22 – 2021ع ۾ خيبرپختونخواهه کي 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي، پرڏيهي فنڊ هاصل ڪندڙ اين جي اوز/ ا??ن پي اوز جي لاءِ نئ??ن پاليسي ۽ ڪڻڪ جا اس??ريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ جي لاءِ ٽي مل??ن ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي درآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ نيويارڪ ۾ رو?? ويلٽ هوٽل جي ڪڏهن ڪڏهن ۽ معمول جي رهتن جي ادائيگي جي مد ۾ پي آءِ اي آئي ايل جي لاءِ 17.3 مل??ن ڊالر جي منظوري ڏيڻ کانسواءِ ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.