اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سنڌ جي 14 پوئتي پيل ضلعن جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ 446 ارب روپين جي لاڳت جو پيڪيج هڪ تحفو آهي، وفاقي حڪومت عام ماڻهو تي ??ضا??ي بار وجهڻ کانسواءِ اوڳاڙين جو هدف و??ايو آهي، صوبائي شهر 2704 کان وڌائي 3412 ارب ٿي ويندو اهو ??ضا??و 25 سيڪڙو آهي، مسلسل ٽيون ڀيرو خاص طور گذريل اڍائي سالن دوران پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڊليور ڪ??ڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، لُٽ مار، جعلي اڪائونٽ مان بيزار ٿي چڪي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اندروني سنڌ ۾ غربت، موذي مرضن جا سڀئي رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن پي بي حس سنڌ حڪومت ٽس کان مس ناهي ٿي، عوام ان جي خلاف بيهي چڪي آهي.