اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان پهريون ڀيرو ڪنهن به سال ۾ 4000 ارب رپين جي وصولين جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪرڻ تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ع??را?? خان آگاهه ڪيو ته جولاءِ کان مئي دوران ايف بي آر جون اوڳاڙيون 4143 ارب تائين پهچي وي??ن آهن ۽ اڃا اهي اوڳاڙيون جاري آهن، اهي گذريل سال جي ايتري ئي عرصي جي اوڳاڙين جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهن. وزيراعظم چيو ته اها صورتحال حڪومت جي پاليسين جي ڪري وسيع البنياد معاشي ب??ال?? جي عڪاسي ڪري ٿي.