فيصل ??باد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ جي معاشي سطح تي خوشخبريون اچي رهيون آهن ۽ معيشت ان وقت مٿي وڃي رهي آهي جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هو، اهڙي طرح اسٽاڪ ايڪسچينج مٿي وڃي رهي آهي ۽ ايڪسپورٽ ۾ 13، لارج اسڪيل مين??في??چرنگ ۾ 40 سيڪڙو اضافي سميت ڪڻڪ، مڪئي، ڀاڻ ۽ ٻين زرعي جنسن جي پيداوار ۾ آبادگارن کي مناسب قيمتن جي فراهمي جي ڪري رڪارڊ اضافو ٿيو آهي تنهن ڪري اسان چاهيون ٿا ته ان ترقي جو فائدو عام ماڻهو تائين پهچي جنهن جي لاءِ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ قدم کنيا پيا وڃن پر اها سڄي ترقي پرچيءَ چيئرمين بلاول کي نظر نه اچي رهي آهي جڏهن ته گذريل دور ۾ اربين رپيا رڳو سنڌ کي اي?? اي?? سي اي??ارڊ جي مد ۾ مليا آهن پر اتي ٻارن کي خوراڪ ۽ ڪتي جي ڪاٽڻ جي ويڪسين تائين نه ٿي ملي ۽ سڀ کان وڌ??ڪ مهانگائي به سنڌ ۾ آهي، شهباز ش??يف کي گهرجي ته هو فضل الرحمان ۽ ٻين مخالف ڌر پارٽين سان گڏجي حڪومت جي خلاف سازشن بدران پارليامينٽ ۾ اچي قانونسازي ۽ قومي معاملن تي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري، شهباز ش??يف جيڪو پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ پي ڊي اي کي گڏ ڪري رهيو آهي اڳ ۾ هو (ن) ليگ کي ته گڏ ڪري وٺي ڇو ته مريم ۽ شهباز ۾ اختلافن جي ڪري مريم نواز اولهه طرف آهي ته شهباز ش??يف اوڀر طرف آهي پر ڪير ڪجهه به ڪري وٺي پر اي?? آر او نه ملندو. جنرل اسپتال غلام آباد فيصل ??باد ۾ علي زيب بلڊ ٽرانسفيوزن سينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته اسان کي تمام گهڻا چئلينجز درپيش هئا پر هاڻي اسان سمورين مشڪلاتن مان نڪري آيا آهيون ۽ هاڻي حقيقي معنيٰ ۾ عوامي ريليف جو سفر شروع ٿي رهيو آهي.