سيالڪوٽ – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي سرگرمين جي فروغ، ڪ??روبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ڪ??روباري برادري ک?? سهولتون ڏيڻ، ڏورانهن علائقن جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪ??روباري برادري جا ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين کاتن بابت مسئلا حل ڪنداسين، عوامي مسئلن جي حل لاءِ موثر بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون، ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال ۾ معاشي سرگرميون جاري رکڻ اهم چئلينج هو، حڪومت ٺوس قدمن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو، ڪورونا وائرس جي وبا جي پهرين لهر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪندڙ مخالف ڌر اڄ جلسا ڪري رهي آهي، ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي ت??بي??ن تي عمل ضروري آهي، عوام ماسڪ پائي ۽ حفاظتي ت??بي??ن تي عمل ڪري، صح??ح معنيٰ ۾ احتياطي ت??بي??ون اختيار نه ڪيون ويون ته سرديءَ جي موسم ۾ مشڪلاتون پيش اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ فضائي ايئر سيال جي افتتاح کانپوءِ ڪاروباري برادري ک?? خطاب ڪندي ڪيو.