اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومتي معاشي ٽيم ??ور??نا وائرس جي وبا جي باوجود معاشي انگ اکر بهتر قرار ڏنا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظه??، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ ٻين ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چيو ته معيشت، روزگار ۽ مهانگائي جي مسئلن کي تيزي سان حل ڪندي عوام جي زندگين آسانيون آڻڻ اسان جي حڪومت جو اول ?? آخر مقصد ۽ هدف آهي.