اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي ناميارن روانگي واپارين جي هڪ وفد ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، سيد علي زيدي، فيصل واوڊا، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين، اي او بي آءِ جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئ??. وفد ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبرز آف ڪامرس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، آٽوموبيلز سيڪٽر، ٽينرز ايسوسيئيشن، هوزري، ف??ري??، گارمنٽس، فارماسوٽيڪل انڊسٽري، اسٽيل، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين صنعتن سان ??اڳ??پيل مشهور ڪاروباري شخصيتون شريڪ هيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وفد روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪومتي پاليسي ۽ قدمن تي وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته ح??ومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ معاشي عمل ۾ تيزي آئي آهي.