اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيويارڪ ۾ روز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مس??لن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اي سي سي جي جوڙيل ڪميٽي جي سفارش تي پي آءِ اي انويسٽمينٽ لمي??يڊ لاءِ 142 ملين ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ??ي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نيويارڪ ۾ روز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مس??لن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اي سي سي جي جوڙيل ڪميٽي جي سفارشن تي پي آءِ اي انويسٽمينٽ لمي??يڊ لاءِ 142 ملين ڊالر جي منظوري ڏني وئي آهي، اها ڪميٽي منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جي هدايت تي جوڙي وئي آهي ۽ ان ۾ ناڻي وارو سيڪريٽري، هوابازي وارو سيڪريٽري، قانون ۽ انصاف ڊويزن وارو سيڪريٽري شامل آهن.