اسلام آباد – 15 مئي (اي پي ??ي) هوابازي وا??ي وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪورونا وا??رس جي وبا جي ڪري پي آءِ اي جو هر م??ين?? خسارو 5 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، بيشڪ مون سميت پوري ڪابينا جو احتساب ڪيو وڃي جڏهن ته انهن ماڻهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم ۽ 6، 6 ڀيرا وز??رت?? ۾ رهي هن غريب ملڪ کي نقصان پهچايو، نيب جاچ جي آجيان ڪندس ۽ چاهيان ٿو ته منهنجي 1970ع کان 2020ع تائين سمورن اثاثن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وا??رس وبا جي موجوده صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي هوابازي وا??ي وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته پوري دنيا ڪورونا وبا جو شڪار آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايوي ايشن آپريشن معطل ٿيو. پاڪستان ۾ به اها صورتحال درپيش آئي.