اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪ??رنا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صو??تحال جي ڏس ۾ اسان جو چئلينج ترقي يافته ملڪن کان وڏو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي وبا سان گڏوگڏ غربت ۽ بک کان به بچائڻو آهي، قوم ڪورونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿي وڙهي، عوام رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ 20 نقاطي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي، ڪنهن به علائقي ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو هجڻ تي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويند??. م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صو??تحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪ??رونا جو چئلينج ڪيتري دير تائين رهندو ان بابت ڪو به اندازو نه ٿو هڻي سگهجي، ا?? لاءِ هاڻي مختلف ملڪ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو طريقو اختيار ڪري رهيا آهن.