اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي عالم سڳورن ۽ عوام جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن ۽ ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تمام گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت بلتستان پهتو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي گلگت ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي سلسلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي گلگت بلتستان حڪوم?? ۽ ??نتظاميا کي ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي ته حڪوم?? ۽ ??نتظاميا جي محنت جو نتيجو آهي جو گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي 216 مريضن مان 67 مريض رهجي ويا آهن باقي سمورا ص??تياب ٿي چڪا آهن.