اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائيندي اسان کي پن??نج?? صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن اسان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پن??نج?? لپيٽ ۾ آڻي رکيو آهي. وزيراعظم عمران خان 23 مارچ جي موقعي تي قوم جي نالي پن??نج?? مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پن??نج?? تهذيبي تشخص کي وڌائڻ?? مذهبي آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جيڪي متحده هندستان جي هندو اڪثريت انهن کان سلب ڪرڻ پ??ي چاهيا.