اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ عزت ۽ وقار وڌائڻ جي لاءِ ملڪ ک?? پنهنجي پيرن تي بيهارڻو پوندو، قرضي قومن جي آزادي متاثر ٿئي ٿي، ٽيڪس جي ادائگي کانسواءِ اسلامي فلاحي رياست جو قيام ممڪن نه آهي، واپارين سم??ت م??ڪ جو هر طبقو پنهنجي حصي جو ٽيڪس ادا ڪر??، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ غريب طبقن جو پورو احساس آهي، حڪومتي قدمن جي ڪر?? جلد بهتري ايندي، قومن جي ز??دگي ۾ آسان ۽ مشڪل وقت ايندو رهندو آهي، اسان گڏجي سمورا مسئلا حل ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اهتمام هيٺ واپارين جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ آساني ۽ سڌارن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.