اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي رليف جي فراهمي موجوده حڪومت ??ي واحد ترجيح آهي، م??ڪل معاشي حالتن جي باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رل??ف فراهم ڪيو وڃي، سموريون لاڳاپيل وزارتون ٻن ڏينهن اندر عوام کي رليف جي فراهمي ل??ءِ کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪن، ڀاڻ جي قيمتن ۾ 400 روپين تائين لاٿ آڻڻ ل??ءِ قدمن ۽ بي آءِ ايس پي تحت ماهوار وظيفي ۾ اضافي جي تجويز کي جلد حتمي ??ڪل ڏني وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ۽ عام ماڻهو کي رليف پهچائڻ جي قدمن جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.