اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغان عوام کي امڪاني انساني بحرا?? جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري کان انساني مدد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي پرڏيهي آفيس پاران جاري پريس رليز موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آئرلينڊ جي پرڏيهي ۽ دفاع واري وزير سائمن ڪووني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزير?? جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? جي فروغ ۽ افغانستا?? جي اڀرندڙ صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزيرن افغانستا?? جي موجوده صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. افغان عوام کي امڪاني انساني بحرا?? جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پاران انساني مدد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته آئرلينڊ يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان آئرلينڊ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته آئرلينڊ ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپ?? جي استحڪام ۾ هڪ پل جو ڪم ڪندي آهي، پرڏيهي وزير موثر انداز ۾ ڪورونا وائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي تي آئرلينڊ حڪومت جي حڪمت عملي ۽ ڪوششن کي ساراهيو ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورتي ميڪنزم کي فعال بڻائڻ ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت تجديد جي قابل توانائي، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، ه?? جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستا?? جي حمايت تي آئرلينڊ جي قي??دت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ وبائي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جي قدم?? جي واکاڻ ڪئي.