ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ڪراچي سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير جي اچڻ تي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي جنرل مئنيجر محمد شجاعت الله ٻئي اسٽاف سان گڏ سندس استقبال ڪيو. مئنيجر پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي مختلف شعبن جي سربراهن جو اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان تعارف ڪرايو. وفاقي وزير ڪراچي سينٽر جي پروگرامز، حالات حاضر ۽ نيوز جي سربراهن کان لاڳاپيل شعبن جي ??ار??ردگي جي حوالي ??ان معلوم ڪيو ۽ گڏ ئي انهن کان انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. جنرل مئنيجر وفاقي وزير کي پروگرامز، حالات حاضره، پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيشنل جي ??ار??ردگي جي حوالي ??ان تفصيلي ??ريفنگ ڏني. هن پي ٽي وي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي ??ان وفاقي وزير جي ويزن کي پڻ ساراهيو. بع?? ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي نيوز روم، حالات حاضره جي مختلف اسٽوڊيوز، پي ٽي وي نيشنل سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ اسٽاف کان بريفنگ ورتي.