اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڻي ذخيرن جي تعمير ملڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سستي بجلي جي فراهمي پڻ يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ??ان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ واپڊا چ??ئرمين وزيراعظم کي ڊيڪيڊ آف ڊيمز (ڊيمن جو ڏهاڪو) تحت پاڪستان ۾ جاري وڏن ڊيمن جي تعمير ??ي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊيمن جي تعمير ۾ اڳڀرائي ??ي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي ??اء?? قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاني جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??اء?? نئين ڊيمز جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي، نئين ڊيمز جي تعمير پاڻي ??ان گڏوگڏ ملڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??اء?? سستي بجلي جي فراهمي پن يقيني بڻائيندي.