اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. 10 ارب سونامي منصوبي ت??ت مون سون ۾ وڻڪاري جي لاءِ وزيراعظم دنيا ج?? سڀ کا?? وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪرڻ جي لاءِ لاهور جو دورو ڪندو. اهو فاريسٽ 100 ڪينال تي ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هڪ لک 65 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا ج??ڪي منفرد مياواڪي ٽيڪنالاجي سان معمول جي وڻن جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا جلد وڏا ٿيندڙ ٻوٽا آهن. شهري ٻيلا تيزي سان پوکڻ جي لاءِ مخصوص زمين جي تياري سان گڏوگڏ مختلف قسمن کي مختلف واڌويجهه جي شرح سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. لاهور جي مختلف حصن ۾ مياواڪي جي 53 ٻيلن جي نشاندهي مختلف جاين تي ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪاربن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ شهري آلودگي ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. وزيراعظم عمران خان لاهور جي آلودگي کا?? پاڪ ۽ باغن جي شهر جي ت??دي?? ۽ ??حالي جي لاءِ پرعزم آهي. موجوده مون سون دوران سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪا پاڪستان جي ت??ريخ ۾ سڀ کا?? وڏي وڻڪاري آهي.