اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مل??ي معاشي ترقي جي لاءِ سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي جي اهم??ت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ملڪ ۾ ان صنعت جي فروغ ۽ واڌ لاءِ نجي شعبي کي پنهنجو ڪردار وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چي?? ته سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت سان ملازمت جا موقعا پيدا ٿيندا. هو انٽرنيشنل ڪاليج ٽورازم اينڊ هوٽل مينيجمينٽ جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن ه??ي ملاقات ڪئي.