اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحرين جي وزيراعظم شيخ خليفه ??ن سلم??ن الخليفه ??ي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهل بحرين سان همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم جي بلند درجن جي دعا ڪئي، هن چيو ته الله تع??لي?? مرحوم کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ الخليفه ??اندان کي صبر جميل ع??ا فرمائي.