اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتح??ل جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو، اين سي او سي ۾ جيترا به في??لا ٿيا ان ۾ سموريون ڌريون شريڪ هيون، ڪجهه پارٽيون ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، حڪومت ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي. هو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر ش??لي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گ??ٽ آهي. هن چيو ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وز??ر سمورن في??لن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪراچي پهچي سنڌ جو وڏو وز??ر سمورن في??لن کان انڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سياسي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي غيرمعمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.