اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن ??اپسي جي عمل کي تيز ڪ??و وڃي، جڏهن ته مملڪتي وزير شهريار خان آفريدي ٻڌايو آهي ته 1097 تبليغي ۽ زائر??ن کي گذريل پنج ڏينهن ۾ وطن ??اپس آندو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ پارلياماني ڪميٽي زائرين، تبليغي جماعت ۽ ٻاهرين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين جي فوري وطن ??اپسي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي وطن ??اپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي