اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي ??ي شين ۾ ملاوٽ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ملاوٽ جي خلاف ايمرجنسي لاڳو ڪري نيشنل ايڪشن پلان هڪ هفتي ۾ جوڙڻ جي هدا??ت ڪندي چيو ??هي ته کاڌي پيتي ??ي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ اسان جي عوام ۽ خاص طور تي اسان جي ٻارن جي صحت ۽ زندگين سان کيڏي رهيا آهن جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هن هدا??ت ڪئي ته ملڪ ۾ ضرورت ??ي شين مثال طور ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين فصلن جي طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن ۽ طلب ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي سيل قائم ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي ??ي شين جي قيمتن جي جائزي، پرائس ڪنٽر??ل، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ ملاوٽ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو.