اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا عام ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري، تيز رفتار انصاف جي فراهمي لاءِ 8 آرڊيننس، گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ 5 ارب جي بنا وياج جي قرضن جي اسڪيم، ڪرتارپور لنگهه جي حوالي سان ڀارت سان مع??هدي، قومي احتساب بيورو کي رڪارڊ فراهمي، ٽرسٽ فار وولينٽري آرگنائيزيشن جي ميمبرن جي مقرري، ڪنٽونمينٽس ۾ بي او ٽي بنيادن تي سولر جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي مع??ون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??جلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم مختلف وزارتن پاران عو??مي ڀلائي جي حوالي سان ملندڙ تجويزن کي ڪابينا آڏو رکيو.