ڪوئيٽه-06 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏ?? وزير مير سرفراز بگٽي 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي مناسبت سان پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن مُلڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع لاءِ اجتماعي قومي جذبي ۽ عزم کي هميشه قائم رکڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ 6 سيپٽمبر 1965ع تي ئي اسان جي فوج دشمنن جا قدم ٽوڙي ڇڏيا ۽ مادرِ وطن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي. وڏ?? وزير چيو ته پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تائي?? اسان جي بهادر فوج ملڪ ۽ قوم لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ کي هميشه دشمن جي ميري نظر کان محفوظ بڻايو آهي. وڏ?? وزير چيو ته يوم دفاع ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پنهنجي عظيم شهيدن جي قربانين کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته صوبي ۾ امن ا??ان ۽ تخريبڪار عنصرن خلاف صوبي جو عوام هميشه پنهنجي بهادر فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن سان ڪلهوڪلهي ۾ مل??ئي سندن مضبوط ٻانهون بڻيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن سا?? ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، صوب??ئي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جي تعاون سان پنهنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ صوبي ۾ تخريبڪاري، ڏڦيڙ ۽ دهشتگردي ڦهلائڻ وارن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. وڏ?? وزير يوم دفاع جي موقعي تي وطن عزيز جي سمورن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.