ق??هر?? – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ق??هر?? پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائين ق??هر?? ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن جي 11هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ مصر جي سرڪاري دوري تي ق??هر?? پهچي ويو. عرب جمهوريه مصر جي پبلڪ بزنس سيڪٽر واري وزير محمد شميمي ۽ ق??هر?? ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. 11هين ڊي – 8 سمٽ جو موضوع ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ سمال ميڊيم انٽرپرائيزز کي فروغ ڏيڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي جوڙجڪ جي لاءِ نوجوانن ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم ايز) ۾ سيڙپڪاري جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪن??و. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي حوالي سان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊ?? – 8 جي خصوصي سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪن??و. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي شرڪت ڪن??ڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مح??د اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل آهن. 1997ع ۾ استنبول ۾ قائم ڪيل ڊي – 8 آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن، جنهن کي ڊ??ولپلنگ – 8 پڻ چيو وڃي ٿو، بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، ايران، ملائيشيا، نائجيريا، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ترقياتي تعاون جي هڪ تنظيم آهي. ان تنظيم جو مقصد ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ آهي ته جيئن اقتصادي ترقي کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ زراعت، واپار، لڏپلاڻ، صنعت، توانائي ۽ سياحت ۾ بهتري آڻڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي.