ڪوئيٽا -20 ڊسمبر (اي پي پي) ڪوئيٽا وادي سميت بلوچستان جي مٿانهي?? وارا علائقا شديد ٿڌ جي لپيٽ ۾ آهن، ڪوئيٽا وادي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ڪاٽو 6 ڊگري سينٽي ??ريڊ تائين گهٽجي ويو، روڊن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻي ڄمي برف ٿي ويو. موسميات کاتي مطابق سڀني کان گهٽ گرمي پد بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڪاٽو 7 ڊگري سينٽي ??ريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران صوب?? جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهندي. صوب?? جي ڪنهن به ضلعي ۾ برسات جو امڪان ناهي. زيارت ۾ گرمي پد ڪاٽو 6، نوڪنڊي ڪاٽو 2، سبي 4، جيواڻي 6، گوادر 10?? تربت 8، خضدار 2 ۽ بارکان ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 4 ڊگري سينٽي ??ريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي مطابق صوب?? جي مٿانهي?? وارن علائقن ۾ ٿڌ جي لهر جاري رهندي.