اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فور??ز جي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي بهادر پٽن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شهادت ماڻيندڙ 12 جو??نن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته وطن جي امن خاطر جانيون نڇاور ڪند?? پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن. سيڪيورٽي فور??ز جي بهادر سپوتن جون عظيم قربانيون قيامت تائين ياد رکيون وينديون. قوم شهيدن جي سدائين قرضي رهندي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي مثال قربانين جو ڪو به مثال نٿو ملي. شهيدن جي خاند??نن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هميشه ساٿ نڀائينداسين.