ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري چيو آهي، ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ??مريت ۽ جبر خلاف مزاحمت ۽ جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي. مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ??ي 13هين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته جمهوريت، انصاف ۽ برابري جي جدوجهد ۾ بيگم ڀٽو ??ون خدمتون ۽ قربانيون بي مثال آهن. بلاول ڀٽو ??رداري چيو ته مان بيگم نصرت ڀٽو کي سلام پي?? ڪريان ٿو، جمهوريت لاءِ سندس بي لوث وابستگي، مسلسل چئلينجن جي باوجود سندس عزم ۽ ح??صل?? غير معمولي ورثي جو ثبوت آهي. بيگم نصرت ڀٽو ??مهوريت لاءِ قيد ۽ اذيتون برداشت ڪيون. پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سياسي جدوجهد جي ت??ريخ بيگم ڀٽو ??ي ذڪر کانسواءِ اڻپوري رهندي. هن چيو ته جمهوريت جي ماءُ جي ياد پارٽي ۽ قوم ٻنهي لاءِ اميد، طاقت ۽ رهنمائي جي علامت رهندي.