اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي ??ي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران احتجاج لاءِ وقت جي چونڊ مذمت جوڳي آهي، ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جاري بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو اهو قدم عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هڪ ملڪ جي پرڏيهي وزير کي احتجا?? ۾ ??رڪت جي دعوت ملڪي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي. هن چيو ته ايس سي او سرب??اه?? اجلاس جي موقعي تي احتجاج جو مقصد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي، پي ٽي آءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اسان کي اتحاد ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري اڳتي وڌڻو آهي.