اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا مفاهمت جي مختلف يادداشتن ۽ تعاون تي صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ايم او يوز ۽ تعاون تي صحيحُون ڪرڻ جي تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراع??م انور ابراهيم شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??ريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) ملائيشيا ايڪسٽرنل ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن جي وچ ۾ واپاري تعاون تي ??فاهمت جي يادداشت ۽ پاڪستان – ملائيشيا بزنس ڪائونسل (پي ايم بي سي) ۽ ملائيشيا – پاڪستان بزنس ڪائونسل (ايم پي بي سي) جي وچ ۾ حلال واپار ۾ تعاون جي لاءِ ايم او يو جي مٽاسٽا ڪئي وئي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ ملائيشيا ڪميونيڪشن اينڊ ملٽي ميڊيا ڪميشن (ايم سي ايم سي) جي وچ ۾ تعاون جي هڪ دستاويز تي ??ڻ صحيحون ڪيون ويون. بعد ۾ وزيراع??م انور ابراهيم ناليواري شاعر علامه محمد اقبال جون لکڻيون پڻ پيش ڪيون، جنهن جو بهاسما م??لي?? ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ”ايشيائي نشاته ثانيه“ جي اردو ڪا??ي پڻ پيش ڪئي.