اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ذاڪر نائيڪ اسل??م جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ جي آجيان ڪندي چيو ته مسلمان امت توهان تي ناز ڪري ٿي ته توهان سڄي دنيا کي اسل??م جي صحيح تشخص کان روشناس ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته توهان جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تاثير سان ڀرپُور هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خوشي ٿي ته توهان جو پٽ به توهان جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي ۽ دين اسل??م جي خدمت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ چيو ته مون 1991ع ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي ياد تازي آهي. ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسل??م جي نالي تي ٺهيو، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اسل??م جي رستي تي هلنداسين ته ??ام??اب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته س??ي دنيا ۾ اسل??م جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هو اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ چيو ته اڄ منهنجي پاڪستان اچڻ جي خواهش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي، پاڪستان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي جيڪو اسل??م جي نالي تي وجود ۾ آيو، پاڪستان جي عو??م جو اسلام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي خواهش پوري ڪئي ۽ آئون پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آيو آهيان، ان تي آئون پاڪستان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پاڪستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.