اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس وڏي ڀ??ءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي وڏي ڀ??ءُ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دع?? پڻ ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ ساڻس گڏ هو.