اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ چين جا لا??اپا دنيا ۾ بي مثال آهن، ٻنهي ملڪن جي دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر عوامي سطح تي پڻ آهن، چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪس??ان جو غير مشروط ساٿ ڏنو، 75 سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون آهن اهي ڌرتيءَ تي مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه چائينا ميڊيا گروپ طرفان چين جي قومي ڏهاڙي جي مناسبت سان پاڪس??ان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ شاندار ثقافتي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪس??ان ۽ چين جا لا??اپا دنيا ۾ ٻن ملڪن وچ ۾ اهي مثالي لا??اپا آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي، اها دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر عوامي سطح جي پڻ آهي. هن چيو ته چ??ن هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪس??ان جو غير مشروط ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته چ??ن چئن ڏهاڪن ۾ 80 ڪروڙ عوام کي غربت مان نجات ڏياري هڪ منفرد مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان چين وانگر پنهنجين پاليسين ۾ تسلس?? پيدا ڪري ۽ سڌارا متعارف ڪرائي ترقيءَ جي سفر تي گامزن ٿي سگهي ٿو. قومي ثقافت ۽ ورثي بابت اڳوڻي وفاقي وزير سيد جمال شاهه چ??و ته چ??ن پنهنجي نوجوانن تي خاص ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ بيحد ڪامياب آهن. اڳوڻي سفي?? حسن جاويد چيني عوام کي سندن ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ترقي جو مثال نٿو ملي جيڪو چين 40 سالن ۾ حاصل ڪيو. تقريب دوران توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس لغاري، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وڊيو پيغام ۾ چيني عوام کي سندن قومي ڏهاڙي تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب دوران سي جي ٽي اين اردو طرفان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي جنهن ۾ چين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪس??ان جي چئني صوبن جا ثقافتي رقص ڪيا ويا، جڏهن ته وڻندڙ چيني ثقافتي رقص جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو. تقريب جي پڄاڻي گلوڪاره ڊاڪٽر مبشره حفيظ طرفان پيش ڪيل موسيقيءَ تي ٿيو، جنهن سان شرڪت ڪندڙ لطف اندوز ٿيا.